پشاور / راولپنڊي (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقن ميران شاهه ۽ اسپن وام ۾ ڪارروائي ڪندي 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ لانس نائيڪ محمد امين شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ٻه الڳ الڳ آپريشن ڪيا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي پهريون آپريشن ميران شاهه ۾، جڏهن ته ٻيو آپريشن اسپن وام ۾ ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پهرين آپريشن ۾ 4 دهشتگرد، جڏهن ته ٻئي آپريشن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، ٻنهي آپريشنن ۾ مجموعي طور 7 دهشتگردن کي ماريو ويو، جڏهن ته آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بهادري سان وڙهندي لانس نائيڪ محمد امين شهيد ٿي ويو