ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ آئيني عدالتن جو قيام پيپلز پارٽي جو پراڻو مطالبو ھو، ميثاق جمھوريت تي صحيحن وقت به پاڪستان پيپلز پارٽي آئيني عدالتون قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ھو ھاڻي اُن مطالبي کي عملي شڪل ڏني پئي وڃي، پيپلز پارٽي چاھي ٿي ته عوام کي فوري ۽ گھر جي چائنٺ تي انصاف ملي سگھي. ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ متبادل توانائي جي حوالي سان نمائش جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته ھتان جي ماڻھن کي ويھن ورھين تائين انصاف ناھي ملندو، اسان کي شھيد ذوالفقار علي ڀثو جي قتل ۾ بھ  اڃا تائين انصاف ناھي مليو. ھن چيو ته افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار ملڪ جي عدالتي نظام تي بدنما داغ آھن، سندن دورڪاري باب طور سڃاتا ويندا، هنن ملڪ سان جيڪو ڪجھه ڪيو اُن تي کين اڳوڻو چيف جسٽس به نه ڪوٺيو وڃي، کانئن ڏنل رعايتون به واپس ورتيون وڃن. ھن چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ھجي يا جسٽس منصور علي شاھه اسان لاءِ ٻئي احترام لائق آھن، ڪو به جج يا چيف جسٽس اچي وڃي اسان کي ڪوبه فرق نه ٿو پوي.هن چيو ته جيل ۾ ويٺل پي ٽي آءِ جي باني ڪيترائي غير قانوني ڪم ڪيا، پر سندس وار به ونگو نه ٿيو، پي ٽي آءِ وارا سدائين پاڻ کي مظلوم بڻائي چور دروازي سان اقتدار ۾ ايندا آھن، عدالتن جي طرفان پي ٽي آءِ کي اھو به ڏنو ويو جيڪو ھُنن گھريو ئي نھ ھو، ذاتي خواھشن موجب فيصلا ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.