ميان صاحب (ن پ ا) درگاهه عاليه تاج محمد مهر جي سجاده نشين ميان علي رضا مهر جي گهر ۽ ڪتب خاني کي لڳل باهه واري واقعي بعد ايس ايس پي شڪارپور ميان صاحب پهچي واقعي جي هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ جيو فينسنگ ٽيم شاهديون گڏ ڪيون. ايس ايس پي شڪارپور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي بابت جيو فينسنگ ڪرائي آهي، رپورٽ ۾ خبر پوندي ته باھ حادثاتي طور لڳي يا هٿ سان ڏني وئي آهي. هن چيو ته باهه واقعي وقت اتي موجود شهرين کان به جاچ ڪندا سين. ٻئي طرف سجاده نشين ميان علي رضا مهر پوليس کي ٻڌايو گهر ۽ ڪتب خاني کي هٿ سان باهه لڳائي وئي آهي. ياد رهي ته چار ڏينهن اڳ درگاھ جي سجاده نشين ميان علي رضا مهر فقير جي گهر ۽ ڪتب خاني کي رات جو باھ لڳڻ سبب گهر ۾ پيل سامان ۽ ڪتب خاني ۾ موجود تاريخي ڪتاب ۽ قلمي قرآن پاڪ جا نسخه به سڙي ويا هئا.