ميان صاحب (ن پ ا)ميان صاحب ۾ گذريل 6 سالن کان وٺي اڃا تائين سوئي سدرن گئس انتظاميه ٺل طرفان گئس بحال نه ڪئي وئي آهي جنهن سبب شهري ڪاٺيون ٻاري رڌ پچاء ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن جڏهن ته سرندي وارا گئس آيل پي جي گئس استعمال ڪري رهيا آهن، گئس بحال نه ٿيڻ سبب شهري سراپاء احتجاج بڻيل آهن، شهرين عبدالخالق دايو ،اسرار سولنگي ،مجيب الرحمان پنهيار ،محمد حفيظ ٽانوري، نظر محمد دايو سميت ڪيترن ئي گئس بندش خلاف احتجاج ڪندي چيو ته اسان سال اڳ وفاقي محتسب اعلي سکر کي لکت ۾ گئس جي بندش خلاف درخواستون ڏنيون هيون جنهن بعد محتسب اعلي سکر نوٽيس وٺي گئس عملدارن کي گهرايو هو جتي گئس عملدارن ٺل جي انچارج دلشاد پٺاڻ ،زونل ميئنجر رياض شاھ خاطري ڪرائي هئي ته پندرهن ڏينهن اندر گئس بحال ڪئي ويندي پر سال گذرڻ باوجود گئس بحال نه ٿي سگهي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته گئس بند هجڻ باوجود شهرين ڏي ڳرا بل ايندا آهن شهري گذريل ڇهن سالن کان گئس جا بل مفت ۾ ڀرڻ تي مجبور بڻيل آهن، انهن وڌيڪ وفاقي محتسب اعلي سکر سميت گئس جي اعلي عملدارن کان گئس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.