ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب لڳ ڳوٺ خان محمد خان ۾ پنهنجي گهر اندر پاڻيءَ جو موٽر هلائيندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 20 ورهين جو نوجوان رجب علي ميربحر پٽ مجن ميربحر زخمي ٿي پيو، جنهن کي سندس وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شڪارپور اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا ته نوجوان رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.