ميان صاحب(ن پ ا) ميان صاحب لڳ ڳوٺ سيووخان بکراڻي واسي پورهيت محراب عيساڻي احتجاج ڪندي چيو ته وياجي گل حسن عرف گلشوبکراڻي 8 سالن اندر 2 لک رپيا وياج جي عيوض 10 لک رپيا وياج وٺي چڪو آهي، جنهن جو وياج اڃان تائين ختم نه ٿيو آهي، هن چيو ته پوليس انتظاميه به مدد نه ٿي ڪري، وياجين خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس، ٻئي طرف پورهيت محراب عيساڻي جي زال مسمات جيجان دانهيندي چيو ته وياجين مان جان جو خطرو آهي، جيڪي منهنجي مڙس کي حراسان ڪري موتمار ڌمڪيون پيا ڏين ٿا، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڪن