ميان صاحب (رپورٽ :رائو محسن ) ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ حبيب الله جعفري ۾ ڏکوئيندڙ حادثو  پيش آيو، ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ سبب ٻه معصوم ڀائر  ۽ هڪ نينگري دٻجي فوت ٿي وئي ۽ هڪ نينگر زخمي ٿي پيو، لوڊرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ حبيب الله جعفري ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ بعد کڏ ۾ ڪري پئي، ٽرالي تي ويٺل 10ورهين جو علي گل، سندس ڀاءُ 12ورهين جو منير ٻئي ڪمال الدين جعفري ۽ نينگري شڪيلان ڌيءُ جبل جعفري فوت ٿي وئي ۽ هڪ نينگر علي دوست پٽ مريد جعفري زخمي ٿي پيو، وارثن ٻارڙن کي کڻائي اسپتال پهچايو، ٽن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق بعد وارث لاش کڻائي گهر پهتا ته ڪهرام مچي ويو، ٽنهي فوتين جو جنازا هڪ ئي گهر مان کڄڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو.