ميا صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ۾ بدامني وڌي وئي، هٿياربند روڊ تي رڪاوٽون وجهي ايندڙ ويندڙ گاڏين ۾ سوار رحمت الله ڪنڊراڻي ۽ عبدالحڪيم سرڪي کي يرغمال بڻائي تشدد بعد سندس ڪار، 6 لک روڪ رقم ۽ موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، پوليس اطلاع باوجود  نه پهتي. متاثرن ٺل جي رهواسين ڪنڊراڻي برادري جي چڱي مڙس رحمت الله ڪنڊراڻي ۽ عبدالحڪيم سرڪي کان هڪ ڪار ۽ 6 لک روڪ رقم ڦر ڪرڻ واري واقعي خلاف  ڪنڊراڻي برادري جي ماڻهن ٺل، شڪارپور ،جيڪب آباد روڊ تي ڌرڻو هنيو. متاثرن ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اٺ کان مٿي هٿياربندن يرغمال بڻائي مسافر گاڏين کي بيهاري ڦرلٽ ڪئي، واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو پر پوليس نه پهتي. هوڏانهن ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ايس ايڇ او همايون شريف مظاهرين کي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو. ان موقعي تي ايس ايڇ او چيو ته ٻن ڏينهن اندر ڪارروائي بعد ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو ويندو. ٻئي طرف مظاهرين رحمت الله ڪنڊراڻي، عبدالحڪيم سرڪي سميت ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻن ڏينهن اندر پوليس ڦر ٿيل ڪار ۽ 6 لک روڪ رقم واپس نه ڪرائي ته ٽئين ڏينهن تي جيڪب آباد شڪارپور، سکر قومي شاهراه روڊ بند ڪري احتجاج ڪيو ويندو.