ميان صاحب(ن پ ا) ميان صاحب ۾ شڪارپور ضلعي جي جاڳڻ  لوڊرا  سلطان ڪوٽٖ رحيم آباد سميت 8 کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ منٺار ڪلر ٖ محمد رمضان ڪلر ۽ ڪلر برادري جي ٻين ڳوٺن تي چڙهايون ڪيون، اهلڪارن 2 ڪلاڪ سرچ آپريشن ڪيو، جڏهن ته جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پر جوابدار فرار ٿي ويا، ٻي طرف ڳوٺاڻن ميهار ڪلر ۽ علي گل ڪلر جو چوڻ هو ته اسان جو پنهنجي برادري جي ماڻهن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، ڏوهاري ناهيون، پوليس ناحق ڪارروائي ڪري ڦرلٽ بعد چوپايو مال ڪاهي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته انصاف ڪيو وڃي.