ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب لڳ ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ خان محمد خان پٺاڻ ۾ قتل ٿيل نوجوان نبي دوست جي ميان صاحب جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي آهي، هوڏانهن مقتول جو قتل ڪيس سندس ڀاءُ شاهه دوست پٽ نور محمد مير بحر جي فرياد تي ميان صاحب ٿاڻي تي پنهنجي ئي برادري جي جوابدارن محمد عثمان پٽ دين محمد مير بحر ٖسندس ٻن پٽن شمن علي ۽ حيدر علي مير بحر، عبدالغفار پٽ ميرل ميربحر ۽ رفيق احمد پٽ اربيلو مير بحر خلاف داخل ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته اسان جو جوابدار ڌر محمد عثمان سان سڱاوتي جو تڪرار هلندڙ هو، منهنجو ڀاءُ ڳالهين لاءِ ويو ته محمد عثمان مير بحر جي بڇ تي جوابدارن منهنجي ڀاءُ کي بندوق جا فائر هڻي بي گناھه قتل ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف ميان صاحب پوليس قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي پر ڪوبه جوابدار هٿ نه اچي سگهيو، جنهن بعد پوليس سندن چوپايو مال ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.