ميان صاحب(ن پ ا) ميان صاحب ويجھو مسافر گاڏيون روڪي هٿياربندن جي ڦرلٽ، ھٿياربندن پاران ڪراچيءَ کان ٺل ويندڙ ڪوچ ۽ وين کي روڪي مسافرن کان لکين رپيا روڪ رقم، موبائل فون سميت ٻيو سامان ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، هوڏانهن ايس ايچ او ميان صاحب مختيار اٻڙو موجب اطلاع ملڻ بعد واقعي واري هنڌ وڃي جاچ ڪئي، هڪڙي ڳوٺاڻي کان لک 2 لک روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، باقي ڪوچ ۽ وين جي مسافرن کان ڦر نه ٿي آهي. ٻي طرف متاثر مسافرن امام بخش جعفري، امجد علي ڀٽو ۽ ٻين ٿاڻي تي ڦر واقعي جي اين سي داخل ڪرائي چيو ته هٿياربندن وين ۽ ڪوچ کي روڪي لکين رپيا ڦرلٽ ڪئي، اڍائي لک رپيا اسان سان ساڻ هئا.