ميان صاحب(ن پ ا) ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ عامل کوھارو ۾ چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب اوڏ برادري جي اربيلو اوڏ، رابيل اوڏ ۽ بهادر اوڏ سميت 5 ڳوٺاڻن جي جا گهر سڙي ويا، گهرن ۾ پيل هنڌ، کٽون، پيتيون،ڪپڙا، اناج ۽ ٻيو سامان به سڙي خاڪ ٿي ويو، ٻي طرف متاثر سخت سيءَ  ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، هنن وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.