ميان صاحب ويجهو گهرمان چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي ڀاڳيو قتل

0
31
ميان صاحب ويجهو گهرمان چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي ڀاڳيو قتل
ميان صاحب ويجهو گهرمان چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي ڀاڳيو قتل

ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ پنهل ڪيهر ۾ گذريل رات دير سان چوري جي ڪوشش دوران ڀاڳين طرفان مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 35 ورهين جو گهر ڌڻي پورهيت غلام رسول پٽ شاهمور ڪيهر گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو، مقتول نوجوان جي مامي عبدالرشيد ڪيهر، موجب واقعي جو اطلاع ميان صاحب پوليس کي بروقت ڪيو ويو پر پوليس ٽي ڪلاڪ دير پهتي جنهن سبب مقتول جو لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيو، ٽن ڪلاڪن کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي سلطان ڪوٽ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف ميان صاحب پوليس ۽ ڳوٺاڻن چورن جا پيرا کنيا هئا پر ڪجهه مفاصلي کانپوءِ گم ٿي ويا، هوڏانهن واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو .