ميان صاحب (رپورٽر) ميان صاحب ويجهو پراڻي تڪرار تان 2 ڀائر قتل، هڪ زخمي ٿي پيو، ميان صاحب ويجهو ڪلر ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان ڪورٽ حاضري تي ويندڙ 2سڳا ڀائر قتل ٿي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ معشوق ۽ گل محمد ڪلر پٽ لکمير ڪلر مارجي ويا، غلام مرتضيٰ زخمي ٿي پيو
ٻڌايو پيو وڃي ته 5سال اڳ ڪارنهن معاملي تان شروع ٿيل خوني تڪرار ۾ دين محمد ڪلر ڌر جا 6۽ رتوڪلر ڌر جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن
خوني تڪرار تان ٻن ڀائرن جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته خونريزي وڌڻ جو خطرو آهي، جهيڙي کي ٽاريو وڃي
هي به پڙهندا
صدر جي ڀٽيون ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي رپورٽر جي گهر تي حملو