ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ويجهو سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ آچر بروهي ۾ نوابشاهه جي 7 گاڏين ۾ سوار پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري تلاشي ورتي، ڳوٺاڻن موجب پوليس هڪ پيرسن عورت خان بيبي ۽ هڪ نوجوان علي احمد کي کنڀي کڻي وئي آهي، پيرسن عورت جي مڙس عبدالغني بروهي ۽ ٻڌايو ته نوابشاهه پوليس بنا جواز گهرن تي چڙھائي ڪري گهرن مان ڦرلٽ ڪئي ۽ ٻن ڄڻن کي کنڀي وئي آهي. ٻئي طرف سلطان ڪوٽ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي بابت نواب شاهه پوليس اڳواٽ ڪو به اطلاع نه ڏنو هو.