ميان صاحب (رپورٽ: رائو محسن) ميان صاحب لڳ نوجوان ملڪيت جي معاملي تان پنهنجي ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار، 2 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، خبر موجب سلطان ڪوٽ ۾ جوابدار جاويد احمد پٽ صوفو خان پٺاڻ گهر ۾ پنهنجي 28 ورهين جي ڀيڻ لبنيٰ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي سلطان ڪوٽ پوليس پهچي مقتولا جو لاش شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جي قتل جو ڪيس اي ايس آءِ جاويد احمد عباسي جي فرياد تي جوابدار جاويد احمد ۽ هڪ نامعلوم خلاف داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ٻڌايو ته جوابدار ملڪيت جي معاملي تان ڀيڻ کي قتل ڪيو، آخري اطلاعن تائين پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي.