ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ۾ جمع نماز کان بعد ميان شبير  پنهيار، مجيب پنهيار، عبدالحڪيم سومرو، هدايت ﷲ سومرو، مھتاب ٽانوري، نظر علي دايو سميت ڪيترن ئي عبدالخالق دايو ۽ اسرار سولنگي جي اڳواڻيءَ ۾ پنجن سالن کان گئس بند هجڻ سبب گئس انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ جامع مسجد اڳيان مين بازار ۾ بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي، جتي اڳواڻن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته پنجن سالن کان وٺي گئس بند آهي گئس صارفين ڪاٺيون ٻاري رڌ پچاءَ ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن پر گئس انتظاميه زونل آفيس ٺل ۽ شڪارپور جا آفيسر اگھور ننڊ پيل آهن، هنن وڌيڪ چيو ته جيسيتائين اسان جي شهر جي گئس بحال نه ڪئي ويندي اسان گئس جو بل به ادا نه ڪندا سين ۽ بک هڙتال به جاري رهندي جيڪڏهن اڃا به مسئلو حل نه ٿيو ته شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي،مظاهرين گئس جي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته گئس بحال ڪري گئس صارفين جون پريشانيون ختم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ هنن چيو ته گئس جي بحالي تائين اسان جي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.