ميان والي(م ڊ) ميان والي مان 9 مئي حملي جي الزام هيٺ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي امجد نيازي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. امجد نيازي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته انصاف جي حاصلات لاءِ سرنڊر ڪري رهيو آهيان، منهنجي خلاف قائم ڪيل ڪيسز ڪوڙا آهن. پوليس موجب امجد نيازي خلاف 9 ۽ 10 مئي تي ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ جا ٻه ڪيس داخل ٿيل آهن. ڳجھي اداري جي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ جھاز جي ماڊل کي ساڙڻ جي ڪيسن ۾ امجد نيازي گھربل هو. پوليس ٻڌايو ته امجد نيازي کي اڄ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي پاسي بوري والا مان پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ٽڪيٽ هولڊر بيرسٽر خالد نثار ڊوگر کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب خالد نثا تي 10 مئي جي احتجاج ۾ پوليس سان ويڙهه جو ڪيس داخل ٿيل آهي. ڪيس ۾ 100 کان وڌيڪ پي ٽي آءِ ڪارڪن به نامزد ٿيل آهن. پوليس موجب جوابدار کي ڳجھي اطلاع تي گرفتار ڪيو ويو آهي.