ميانوالي (م ڊ) ميانوالي ۾ ڪنڊل واري هنڌ پيٽرولنگ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد، جڏهن ته ٻه دهشتگرد مارجي ويا. آءِ جي پنجاب موجب 10 کان 12 دهشتگردن ڪنڊل پيٽرولنگ پوسٽ تي حملو ڪيو هو، چيڪ پوسٽ جي ڇت تي موجود اهلڪار جي جوابي فائرنگ سان ٻه دهشتگرد مارجي ويا. آءِ جي ٻڌايو ته چيڪ پوسٽ تي ٻن پاسن کان حملو ڪيو ويو، پنجاب پوليس ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻيا فرار ٿي ويا. آءِ جي موجب دهشتگردن جي حملي خلاف پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل هارون خان شهيد ٿي ويو. ٻئي پاسي واقعي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ زبير نواز ۽ محمد خان جي نالن سان ٿي آهي، جن جو تعلق پابندي پيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان سان هو. سي ٽي ڊي اختيارين موجب زبير نواز جو تعلقم ٽي ٽي پي جي ٽيپو گروپ سان هو جيڪو لڪي مروت جي ٽي ٽي پي امير راشد نواز جو ڀاءُ هو، زبير نواز پنجاب ۾ فرقيواراڻي قتل، ڀتا خوري ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ گھربل هو.