ميانمار ۾ شديد زلزلو، 144 ڄڻا مارجي ويا،عمارتون تباهه، چين، هندستان، ٿائلينڊ ۽ بنگلاديش ۾ به لوڏا

0
23
ميانمار ۾ شديد زلزلو، 144 ڄڻا مارجي ويا،عمارتون تباهه، چين، هندستان، ٿائلينڊ ۽ بنگلاديش ۾ به لوڏا
ميانمار ۾ شديد زلزلو، 144 ڄڻا مارجي ويا،عمارتون تباهه، چين، هندستان، ٿائلينڊ ۽ بنگلاديش ۾ به لوڏا

رنگون/بئنڪاڪ/نئين دهلي/ڍاڪا /بيجنگ(م ڊ) ميانمار ۾ شديد زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 144 ماڻهو مارجي ويا، 750 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين جي انگ وڌڻ جو خدشو آهي، زلزلي سبب ميانمار ۽ ٿائيلينڊ ۾ عمارتون ۽ پل ڊهي پٽ پئجي ويون،  ميانمار جي منڊالي شهر ۾ قائم هڪ امدادي ٽيم جي ميمبر پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ” نقصان تمام وڏو ٿيو آهي.“ جڏهن ته 7.7 جي شدت سان آيل زلزلي سبب وڏي جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته” فوتين جو انگ تمام گهڻو ٿي سگهي ٿو، امدادي ڪارروايون جاري آهن، ان ڪري حتمي انگ اکر ڏيڻ ممڪن ناهي.“ پرڏيهي ميڊيا موجب، هينئر تائين صحيح انگ سامهون نه آيو آهي، پر تباهي کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته فوتين جو انگ ڪيئي سون تائين پهچي سگهي ٿو. غير ملڪي ميڊيا رپورٽس موجب ميانمار ۾ 7.7 ۽ 6.4 شدت سان آيل هڪٻئي پٺيان 2 زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 7.7 محسوس ڪئي وئي، جنهن جو مرڪز ميانمار ۾ 10 ڪلوميٽر زيرزمين هو. ميانمار ۾ ايندڙ زلزلو ايترو شديد هو ان تقريبن 9000 ڪلوميٽر پري بئنڪاڪ ۾ وڏين عمارتن کي ڪيرائي پٽ ڪري ڇڏيو. زلزلي جي جهٽڪن سان متاثر عمارتن جي ڪرڻ جا منظر ڪيميرائن جي اک سان محفوظ ڪيا ويا جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا، زلزلي جا جهٽڪا ٿائلينڊ، بنگلاديش، هندستان، چين ۽ لائوس ۾ به محسوس ڪيا ويا، شديد زلزلي کانپوءِ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو. زلزلي جي جهٽڪن سبب بئنڪاڪ ۾ ميٽرو ۽ ريل سروسز معطل ڪيون ويون.