رنگون/بيجنگ(م ڊ) ميانمار ۾ زلزلي سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 1650 ٿي ويو، جڏهن ته 2 هزار 376 ماڻهو زخمي ٿي پيا، فوتين جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي. جمعي ڏينهن ميانمار ۾ آيل 7 ڏهائي 7 شدت جي زلزلي جي لوڏن سبب تباهه ٿيل عمارتن، گهرن ۽ ٻين مٽيءَ جي ڍيرن هيٺيان دٻجي فوت ٿين جو انگ وڌي 1600 ٿي ويو ، جڏهن ته زخمين جو 2 هزار 376 تائين پهچي ويو. امدادي ٽيمون مٽيءَ جي ڍيرن هيٺيان ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ رڌل آهن، جڏهن ته زخمين جي اسپتال منتقلي جو عمل به جاري آهي. ميانمار جي شهر منڊالي ۾ سڀ کان وڌيڪ 694 ماڻهو فوت ٿيا ۽ ڪيترين ئي عمارتن ۽ پلن کي به نقصان پهتو. ميانمار جي فوجي حڪومت ڇهن علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي عالمي برادري ۽ تنظيمن کي مدد جي درخواست ڪئي آهي. بئنڪاڪ ۾ زير تعمير عمارت ڪرڻ سبب 81 ڄڻا دٻجي ويا، جنهن سبب 9 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. جمعي ڏينهن ٿائيلينڊ ۽ ميانمار ۾ 7 ڏهائي 7 شدت جو زلزلو آيو هو، هوڏانهن چيني صدر شي جن پنگ ميانمار جي زلزلي متاثر علائقن ۾ مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.