ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب خلاف فيصلو محفوظ

0
150

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو وڃي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جماعت اسلامي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، فيصلو اڄ ئي ٻڌائڻ جا امڪان آهن

جسٽس عقيل عباسي سوال ڪيو ته ڇا ميئر کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت آهي؟

جماعت اسلامي جي وڪيل عثمان فاروق چيو ته ميئر ضمني چونڊ ۾ حصو وٺي سگهي ٿو پر ضابطن جي ڀڃڪڙي نه ٿو ڪري سگهي

جماعت اسلامي جي وڪيل ٻڌايو ته ميئر پنهنجي چونڊ مهم لاءِ سرڪاري مشينري ۽ وسيلا استعمال ڪري رهيو آهي

عدالت جماعت اسلامي جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

پاڪستان فلسطينين سان گڏ آهي، سينيٽ ۾ ٺهراءُ منظور

هولو ڪاسٽ کانپوءِ ڪنهن به رياست اسرائيل جهڙو قتلام ۽ جنگي ڏوهه نه ڪيا آهن، اسرائيل جي حمايت ڪندڙ به ڏوهه ۾ شريڪ آهن، هي ايوان فلسطينين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو

پاڪستان جي سينيٽ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، نون ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي غزه جي فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو

نون ليگ جي سينيٽر به فلسطين بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، ٺهرائن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جي راڄڌاني يروشلم هجي

ٺهرائن تي ڳالهائيندي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، عرفان صديقي، اسحاق ڊار ۽ ٻين چيو ته پاڪستان فلسطينين جي سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو

نيب ريفرنس ۾ آصف زرداري سميت 15 جوابدارن عدالت طلب

بلاول جو سپريم ڪورٽ بار جي نون چونڊيل عهديدارن جي نانءُ پيغام

سنڌ جا نگران حڪمران پ پ دور جون اسڪيمون روڪي عوام کي سزا ڏئي رهيا آهن: مراد علي شاهه