ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)ڪراچي جي ميئر لاءِ صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جو نالو سرِفهرست رکڻ تان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن ۾ اختلاف اڀري آيا آهن، مڪاني اليڪشن ۾ 2 يوسيز تان ڪاميابي ماڻيندڙ نجمي عالم جو نالو آئوٽ ٿيڻ تي پارٽي قيادت اڳيان احتجاج، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي جي ميئر واري معاملي تي پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن ۾ تڪرار اڀري آيا آهن، ذريعن موجب پيپلز پارٽي پاران ڪراچي جي ميئر لاءِ ڪي ايم سي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ۽ هاڻوڪي صلاحڪار مرتضي وهاب جو نالو فائنل ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب مرتضيٰ وهاب تازو ٿيل مڪاني اليڪشن ۾ ڪراچي جي ڪنهن به يوسي تي اليڪشن ۾ حصو به نه ورتو هو، تازو سنڌ اسيمبلي پاران  مڪاني قانون ۾ ڪيل ترميم جو سِڌو سنئون فائدو پڻ مرتضيٰ وهاب کي رسيو آهي، جڏهن ته نجمي عالم جو نالو ميئر شِپ جي ڊوڙ مان آئوٽ ٿي ويو آهي. ذريعن موجب ته نجمي عالم مڪاني ادارن بابت ترميمي بِل جي منظوري وقت به پارٽي قيادت اڳيان احتجاج ڪيو هو پر سندس هِڪ نه ٻُڌي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير سعيد غني به مرتضيٰ وهاب جي نالو ميئر لاءِ شامل ڪرڻ  ۽ نجمي عالم کي آئوٽ ڪرڻ واري پارٽي قيادت جي فيصلي جي  اندروني طور تي مخالفت ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو 3 ڏينهن اڳ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي صوبي ۾ ميئرن ۽ ضلعي چيئرمينن  جا نالا فائنل ناهن ڪيا.