ڪراچي: مڪاني ادارن وارن صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي دعويٰ پوري ٿيندي، ڪراچي جو ميئر جيالو ئي ٿيندو، هن وقت به  نمبرز جي حوالي سان پ پ وڏي پارٽي آهي، اصولي طور ميئر پ پ جو ئي ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ پاران ميئر لاءِ جماعت اسلامي جي حمايت ڪرڻ تي هن چيو ته اصولي طور جنهن پارٽي جا نمبرز وڌيڪ هجن، ميئر انهي جو اچڻ گهرجي، جيڪا پارٽي ٻئي نمبر تي آهي، انهي جو ڊپٽي ميئر ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته جماعت اسلامي سان ٻيهر ڳالهيون ٿينديون، اڳ ۾ هنن ڊپٽي ميئر لاءِ راضپو ظاهر ڪيو هو، هاڻ نمبر ڏسي نئين ڳالهه ڪري رهيا آهن، هن پي ٽي آءِ جي يوسي چيئرمينن کي گرفتار، اغوا يا هراسان ڪرڻ وارن الزامن کي رد ڪندي چيو ته ڇا ڪنهن کي اهو حق حاصل آهي ته اهو وڳوڙ ڪري گاڏيون ساڙي؟ هن چيو ته اهڙي صورتحال باجود پي ٽي آءِ وارن کي چونڊ واري ڏينهن ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويندو