ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مرتضي وھاب ۽ سلمان عبدالله مراد لاء چار چيئرمين مستعفي، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد پاران ٻن ٻن تڪن تان چونڊ وڙھڻ جو فيصلو، چونڊ شيڊيول ايندڙ ھفتي جاري ٿيڻ جو امڪان، تفصيل موجب مڪاني چونڊ ايڪٽ 2013 موجب ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ 6 مھينن اندر ڪراچي جي ڪنھن بہ تڪ تان چونڊ وڙھڻ لازمي قرار ڏنل آھي، ان حوالي سان ميئر ڪراچي مرتضي وھاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ڪراچي جي ٻن ٻن تڪن تان چونڊ وڙھڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي، ان سلسلي يوسي 13 جي چيئرمين ۽ ميئر ڪراچي جي ترجمان ڪرم الله وقاصي ۽ ماڙيپور جي يوسي 3 جي چيئرمين سيف الله مرتضيٰ وھاب جي حق ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آھي، جنھن جي ميئر ڪراچي جي ترجمان ڪرم الله وقاصي تصديق ڪري ڇڏي آھي، جڏھن ته ٻنهي تڪن تي ننڍي چونڊ جلد ٿيندي، لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم کانپوءِ ميئر جي سيٽ لاءِ چونڊيل مڪاني نمائندن جي ضرورت نه ھئي، ان ڪري مرتضيٰ وهاب کي يوسي چيئرمين چونڊجڻ کان بغير ئي ميئر لاءِ نامزد ڪيو ويو ھو، جڏھن ته معاملو عدالت ۾ اچڻ کانپوءِ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم موجب مرتضيٰ وهاب کي 6 مهينن اندر شهر جي ڪنهن به يو سي مان چيئرمين چونڊجڻ لازمي قرار ڏنو ويو ھو، ھوڏانھن گڏاپ جي يوسي 7 جي پيپلز پارٽي جي چيئرمين محمد سلمان ميمڻ ۽ ابراھيم حيدري جي يوسي 8 جي چونڊيل پيپلز پارٽي جي چيئرمين حيدر علي ڄاموٽ پڻ سلمان عبدالله مراد جي حق ۾ استعيفي ڏئي ڇڏي آھي، مڪاني چونڊ جون تياريون شروع ڪيون ويون آھن، اليڪشن ڪميشن ذريعن موجب 20 سيپٽمبر تائين شيڊيول جاري ٿي ويندو، آڪٽوبر جي پھرين ھفتي ۾ چونڊ ٿيڻ جو امڪان آھي، واضح رهي ته 15 جون تي مرتضي وھاب 173 ووٽ کڻي ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو ھو، جڏھن ته ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد به 173 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ھئي، جڏھن ته جماعت اسلامي جو حافظ نعيم الرحمان 160 ووٽ کڻي ھارائي ويو ھو، 13 ووٽن تان مرتضي وھاب برتري حاصل ڪئي ھئي، پي ٽي آء جي 30 منحرف اميدوارن ميئر جي اليڪشن ۾ حصو نه ورتو ھو، جڏھن ته پي ٽي آء جي فردوس شميم نقوي ۽ ھڪ ٽي ايل پي اميدوار پڻ ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو ھو.