ڪراچي(رپورٽ : فقير سليم)سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ ذريعي مطالبو ڪيو آهي ته ميئرن، ڊپٽي ميئرن ۽ چيئرمينن جي چونڊ جون جي پهرين هفتي ۾ ڪرائي وڃي، ڪالهوڪي اجلاس ۾ پ پ جي ايم پي اي گهنور اسراڻ ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته  ميئرن،  ڊپٽي ميئرن ۽ چيئرمينن  جي چونڊ جون جي پهرين هفتي ۾ ڪرائي وڃي، سنڌ سرڪار اليڪشن ڪميشن آڏو اهو مامرو اٿاري، آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ٺهراءَ تي ڳالهائيندي چيو ته مڪاني چونڊن کي 11 مهينا گذري ويا آهن پر چونڊيل نمائندن اڃا ڪم شروع نه ڪيو آهي، سنڌ ۾ ميئرن ۽ چيئرمينن جي چونڊ ۾ دير ڪئي پئي وڃي، انهي سان مسئلا وڌندا ويندا، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته مڪاني چونڊ جي پهرين مرحلي کي 11 ۽ ٻئي مرحلي کي پڻ 5 مهينا گذري ويا آهن، پ پ ڪنهن جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي آهي، چونڊ جي سمورو مرحلو جلد مڪمل ٿيڻ گهرجي،  ايم ڪيو ايم جي محمد حسين چيو ته سنڌ جو عوام مڪاني ادارن جي مسئلن جي حل لاءِ پريشان آهي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ڌيان نه ڏنو آهي، اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته فوري طور تي چونڊن جي  مرحلي کي مڪمل ڪري، ايم ايم اي جي سيد عبدالرشيد چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجو وقار برقرار نه رکي سگهي آهي، ان ڪري تڪراري ٿي وئي آهي، مڪاني چونڊن ۾ دير جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي، هن چيو ته ڪنهن به سطح تي هارس ٽريڊنگ نه ٿيڻ گهرجي، ڪراچي ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ کان اڳ گرفتاريون به نه ٿيڻ گهرجن، پ پ جي امداد پتافي چيو ته ڪراچي جو اهو ئي ميئر ٿيندو جنهن وٽ اڪثريت هوندي، اليڪشن ۾ خبر پئجي ويندي ته ڪير ڪنهن کي سپورٽ ڪري ٿو؟ مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه چيو ته نئين بجيٽ اچڻ واري آهي، انهي ڪري بجيٽ کان اڳ چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ گهرجي،اسان چاهيون ٿا ته نوان ميئر ۽ چيئرمين بجيٽ پيش ڪن، هن چيو ته اسان چيف اليڪشن ڪمشنر کي درخواست ڏني آهي ته 8 جون تائين ميئرن ۽ چيئرمينن جي چونڊ وارو مرحلو مڪمل ڪيو وڃي، جنهن بعد اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو .