موڳي مٽر جو سج ڏانھن سفر

0
96
موڳي مٽر جو سج ڏانھن سفر

 ملڪ اندر موجود نگران سيٽ اپ جي نتيجي مان “اپ سيٽ” ٿي ويل منھنجو پڳ مٽ يار موڳو مٽر پنھنجن ساٿين بصر بادي ۽ واڱڻ وائي سان گڏجي دبئي ۾ دم ديدار ڪرڻ بعد وڃي لنڊن پھتو. کيس نگران حڪومت ۾ وزير ۽ مُشير ٿيڻ جي امڪاني پڪي آسري تي نه صرف ھن پنھنجي ڀينگ ڪئي پر پنھنجن، پراون ۽ پاڙيسرين جي به چيلھ چٻي ڪري ھاڻي وڃي آخر آمريڪا ۾ سنگت جي خرچ تي پاڻ سان گڏ پنھنجن “ويل وشرس” بصر ۽ واڱڻ سان گڏ ٿڪ ڀڃي آرام فرمائي رھيو آھي. موڳي مٽر اُتان آمريڪا پھچڻ بعد مونکي واٽس ايپ تي ڪال ڪري ٻڌايو تہ، “يار اصل دنيا ته ھتي آھي، پاڻ وٽ تہ صرف کجي جا جن ھئا… !” مون چيومانس ته، “نه صرف کجي جي جنن پر کجي جي باٺن کان تون ڀڄي جان ڇڏائي سٺو ڪيو آھي پر يار تو ھرڀرو نگران وزير ۽ مُشير ٿيڻ جي چڪر ۾ ڏوڪڙ تيل ڪيا. وڃي ڪو آمريڪا ۾ ڪاروبار ڄمائين ھا ته جيڪر ڪجھ سالن اندر وڏو نالو ۽ ناڻو ڪمائين ھا…!” تنھن تي ھن مونکي ورندي ڏيندي چيو ته، “نالو ته مان ھاڻي به ڪمائي سگھان ٿو…. شھرت پڄاڻان وري پوءِ رڳو پئسو ئي پئسو…!” مون حيرت کائيندي کائنس معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، “تو جھڙو نڪمو ۽ ناڪام ھاڻي وري ھن عمر ۾ مشھور به ٿيندو ۽ وري دولتمند به…. ھون ….ھون.. اھو ناممڪن..!” موڳي مٽر پنھنجي امڪاني شھرت ۽ دولتمند ٿيڻ واري چڪر جو پلان پريس ڪانفرنس جي اسٽائيل ۾ ٻڌائيندي چيو ته، “پنھنجي پاڙيسري ملڪ جا ماڻھو وڃي چنڊ تي پھتا آھن، ھاڻي پنھنجي ملڪ جي عزت ۽ وقار جي مسئلو آھي، تنھن ڪري ھاڻي پوئتي ناھي ھٽڻو، چنڊ ته دشمنن ناپاڪ ڪري ڇڏيو. ھاڻي پاڻ سنگت سان گڏ سج ڏانھن سفر جو سندرو ٻڌو آھي ۽ جلد دنيا کي خبر پوندي ته اسان به ڪا شيءِ آھيون”. ھن وڌيڪ چيو ته، “چنڊ ته اسان ھونءَ ئي ننڍپڻ ۾ ٻيڙي ۾ ڏسندا ھئاسون. اصل ڳالھ آھي سج تي پھچڻ جي…! سو پاڻ ھاڻي سج تي قدم رکڻ جو پڪو پھ ڪيو آھي.” مون آھستي کيس چيو ته “اسان کي وري ٻيڙي ۾ ڪڏھن ڪڏھن چنڊ بجاءِ چنڊو به نظر ايندو اٿئي، ان ڪري متان رستي تان نه موٽي اچين…!”

موڳي مٽر اتي آمريڪا جي خلائي مشن واري پروگرام جي انتظام سنڀاليندڙ اداري “ناسا” وارن سان پنھنجون ناسون ڦاڙي رابطو ڪرڻ شروع ڪيو. ناسا جي اتنظامي عملدارن کيس چيس ته ناسون گھٽ ھڻو، ڪجھ ڳالھايو، ڪجھ آئيڊياز ڏيو. جنھن لاءِ ھن ناسا وارن کان ھڪ ھفتي جو ٽائيم ورتو، جنھن تي ھن اچي ڪري واشنگٽن ڊي سي ۾ ھڪ ھوٽل تي پنھنجي سنگتين بصر بادي ۽ واڱڻ وائي کي گھرائي سج ڏانھن سفر جي سلسلي ۾ صلاح مشورا ڪرڻ لڳو.

بصر بادي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي چيو تہ، “موڳا مٽر، سج ڏانھن سفر دوران ڪٿي ڪو بريڪ ھڻجو ته ڪٿي سوائي جا ٻه ٽي ڍُڪ ھڻون ته سفر شاندار گذرندو ۽ ان ڪري مان ڪونڊي ۽ ڏنڊي جو بندوبست ڪيو آھي.” واڱڻ وائي وري چيو ته، “سج تي لھڻ کانپوءِ ٻه ٽي ڏينھن رھڻا پون ته ڪو حُقي پاڻي ۽ سلفي جي وزم جو بندوبست به ٿيڻ گھرجي، نه ته بنا سوٽي ھڻڻ جي اسانجا لاھ ته نڪري ويندا…!” موڳي مٽر کيس ٻڌايو ته، “ناسا پاران ھر سھولت ڏني ويندي، جنھن ۾ اوھان لاءِ چلم جو بندوبست ڪيو ويندو. بس تون دلجاءِ ڪر. ھتان ھلي سج تي پھچڻ بعد جڏھن لھڻ جو وارو ايندو ته سڌو پنھنجي ملڪ ھلي لھنداسين، اتي پنھنجي ڪامياب مشن جي پريس ڪانفرنس ڪنداسين، جنھن لاءِ نه ھاڻي ڪنھن ويزا جي ضرورت پوندي، نه ئي پاسپورٽ جي .. اسان کي دنيا سان گڏ خود ناسا واران کي پڻ حيران ڪرڻو آھي نه!”

ڪجھ ڏينھن پھرين ناسا جي ٽيم کين سج تي پھچڻ واري مشن بابت تفصيل ٻڌائڻ جي سلسلي ۾ ھڪ گڏجاڻي جي حوالي سان ناسا ھيڊ ڪوارٽر گھرايو ھو. جئين گڏجاڻي شروع ٿي ته بصر بادي ۽ واڱڻ وائي پنھنجا ڏنڊا ڪونڊا ڪلھن سان گڏ چلم چيلھ سان ٻڌي اچي پھتا. کين ناسا وارا اھڙا سائنسي اوزار ڏسي پاڻ ئي پريشان ٿي ويا. موڳي مٽر گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته جڏھن ته اسانجو پاڙيسري ملڪ چنڊ تي پنھنجا ناپاڪ پير رکي سڄي ٻيڙي ٻوڙي آيا آھن، اسان ھاڻي پنھنجا پاڪ پير سج تي رکي سڄي دنيا کي حيران و پريشان ڪرڻ واري ھڪ پاڪ مشن جو پروپوزل کڻي آيا آھيون، جيڪر قبول ھجي ته شُوڪارو پڙھي بس ھِتان ئي الاتوھار ڪريون، نه ته ٻي صورت ۾ کسڪي وڃي پنھنجا فوٽو ڊاھيون…!

ناسا وارن کي سندن پروپوزل ڏاڍو وڻيو، کين مشن پوري ٿيڻ تي ھڪ ھڪ کي 50 لک ڊالر ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي پر ناسا جي ٽيم ۾ ھڪ ديسي عملدار پڻ ھو، جنهن کانئن پُڇا ڪئي ته سج ته ڏاڍو گرم آھي، اوھان ايتري گرمي پد ھوندي ڪيئن نڪرندا؟ جنھن تي موڳي مٽر، بصر بادي ۽ واڱڻ وائي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندي کين چيو ته اسان کي خبر ھئي اھڙو سوال ٿيندو، ان ڪري اسان پاڻ سان گڏ برف کڻي وڃڻ جو بندوبست پڻ ڪيو آھي ۽ سفر جي شروعات رات کان ڪنداسين، جيئن برف گھٽ ڳري ۽ سج جي تپش ۾ سوائي جا ٻه ٽي ڍڪ ڀري مٿان چلم جو اھڙو سوٽو ھڻنداسين، جو اصل خبر ئي نه پوندي جو سفر سولو ۽ منزل آسان ٿي پوندي. باقي انعام سان گڏ ٻه ٽي ليٽر پئٽرول ڏجو ته جيئن پنھنجي ملڪ اندر سفر آسان بڻجي..!