حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نوشهرو فيروز موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس مان ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي، ٻن جوابدارن جي ضمانت تي فيصلو 5 ڊسمبر تائين محفوظ ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران مٽياري ۽ نوشهروفيروز موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار معطل ڊي سي عدنان رشيد، اي سي منصور عباسي سميت 21 جوابدار پيش ٿيا. نيب جو جاچ آفيسر، پراسيڪيوٽر ۽ جوابدارن جي وڪيلن پيش ٿي دليل ڏنا. گرفتار سوشل ويلفيئر آفيسر سجاد ميمڻ ۽ هالاڻي جي تپيدار غلام حقاني جي ضمانت منظور ڪندي کين 5-5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. سوشل ويلفيئر آفيسر سجاد ميمڻ جي وڪيل محمد هاشم لغاري ٻڌايو ته نيب وٽ ڪو به ثبوت نه هو جنهن جي آڌار تي عدالت سوشل ويلفيئر آفيسر جي ضمانت منظور ڪئي. هالاڻي جي تپيدار غلام حقاني جي وڪيل موجب ته مٿس الزام هو ته هن کاتيدارن کي ڪجهه سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا آهن پر هالاڻي وارو علائقو نوشهروفيروز موٽروي ۾ نٿو اچي جنهن بابت نيب به ڪو ثبوت فراهم نه ڪري سگهي ۽ عدالت سندن دليل ٻڌڻ بعد تپيدار جي ضمانت منظور ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڪيلن جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل عدالت ڀريا تعلقي جي مختيارڪار نياز اڄڻ ۽ خالد مسعود جي ضمانتن واري درخواستن تي دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ايندڙ ٻڌڻي تائين محفوظ ڪيو آهي جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي مٽياري موٽري ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن پاران ڏنل ضمانت واري درخواستن تي به ٻڌڻي ڪندي. واضح رهي ته نيب پاران مٽياري وٽروي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ٿيل آهي جڏهن ته نوشهروفيروز جو اڃا ريفرنس داخل ناهي ٿيو.