موٽر سائيڪل هلائڻ وارا ٿين هوشيار، سائيڊ مرر لڳائڻ لازمي قرار

0
190
موٽر سائيڪل هلائڻ وارا ٿين هوشيار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا موٽر سائيڪلن ۾ سائيڊ مرر لڳائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

موٽر سائيڪل هلائيندڙ هاڻي هوشيار ٿي وڃن، سائيڊ مررنه لڳائڻ جي صورت ۾ ڏنڊ ۽ سزا ٿي سگهي ٿي.

ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا موٽر سائيڪل رولز ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، ترميم ذريعي موٽر سائيڪل جي سيفٽي خاطر سائيڊ مرر لڳائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.