حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت مٽياري ۽ نوشهروفيروز موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدارن پاران ضمانتن لاءِ ڏنل درخواستن تي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڀريا تعلقي جي اڳوڻي مختيارڪار نياز اڄڻ، ويلفيئر آفيسر سجاد ميمڻ ۽ پرائيويٽ ٺيڪيدار خالد مسعود چنا وڪيلن معرفت ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪرايون هيون جڏهن ته نيب پاران ڪيس ۾ گرفتار هڪ ٻئي جوابدار سعود الحق کي رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو. وڪيلن عدالت کي آگاهي ڏني ته نيب بابت سپريم ڪورٽ جي نئين آيل فيصلي کي نظر ۾ رکندي گرفتار ۽ روپوش جوابدارن جي ضمانتن لاءِ وڪيلن ۽ نيب کي ٻيهر دليل مڪمل ڪرڻا هئا جنهن تي جاچ آفيسر آگاهي ڏني ته موٽروي ڪرپشن ڪيس جي جاچ لاءِ سنڌ سرڪار ڪميٽي جوڙي هئي پر کين رپورٽ فراهم ناهي ٿي ان لاءِ مهلت ڏني وڃي. ضمانت ڪرائيندڙ جوابدارن جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته کين بيگناهه ڦاسايو ويو آهي جنهن ڪري سندن ضمانت منظور ڪئي وڃي. ٻئي طرف نيب پاران تحويل ۾ ورتل جوابدار سعود الحق جي وڪيل آگاهي ڏني ته سندس معاملي سان ڪو تعلق ناهي ان لاءِ رمانڊ بدران جيل اماڻي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وڃي. عدالت جوابدار کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي جاچ آفيسر کي 13 آڪٽوبر تي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مٽياري موٽروي ڪرپشن ڪيس جو ريفرنس 1/2023ع تحت داخل ٿيو جڏهن ته جاچ گڏيل طور هئڻ سبب رپورٽ تي مٽياري جي معطل ڊي سي عدنان رشيد، نوشهروفيروز جي معطل ڊي سي محمد تحسين عالم، اي سي سعيد آباد منصور عباسي کي مک جوابدار ڄاڻايو ويو. عدالت نوشهروفيروز وارو ڪيس به مٽياري واري ڪيس سان گڏائي ڇڏيو آهي پر اڃا تائين نيب پاران نوشهروفيروز واري ڪيس بابت ريفرنس فائل ناهي ڪيو ويو.