حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) احتساب عدالت مٽياري موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي ضمانتن واري درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي اڳوڻي معطل ڊي سي عدنان رشيد، سپروائيزنگ تپيدار الاهي بخش ڀيو، سنڌ بئنڪ جي برانچ مينيجر مير محمد سهاڳ، ايريا مينيجر تابش شاهه، ڪيش آفيسرز سيد علي حيدر شاهه، امجد علي رند ۽ اسلم پيرزادي جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. 29 آگسٽ تي لاڳاپيل عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو جاري ڪندي گرفتار چئن جوابدارن عدنان رشيد، تابش شاهه، مير محمد سهاڳ ۽ محمد اسلم پيرزادي جي ضمانتن واري درخواست رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته عدالت عبوري ضمانت تي آزاد ڪيشئرز سيد علي حيدر شاهه، امجد علي رند ۽ سپروائيزنگ تپيدار الاهي بخش ڀيو جي به پڪي ضمانت ڪرڻ بدران سندن عبوري ضمانت رد ڪندي گرفتاري جو حڪم ڏنو جنهن بعد عدالتي پوليس ڪيشئر علي حيدر شاهه ۽ امجد علي رند کي گرفتار ڪري نارا جيل منتقل ڪيو جڏهن ته سپروائيزنگ تپيدار الاهي بخش ڀيو عدالت ۾ موجود نه هئڻ سبب گرفتاري کان بچي ويو. نيب 19 جولاءِ تي مٽياري موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس جو ريفرنس معطل ڊي سي عدنان رشيد سميت 19 ڄڻن خلاف داخل ڪيو هو. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڀريا تعلقي جي اڳوڻي مختيارڪار جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. ڪيس ۾ روپوش جوابدار نياز علي اڄڻ وڪيل نعيم الدين سهتو معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي مشتمل ڊويزنل بئنچ وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض سندس حفاظتي ضمانت منظور ڪندي 7 ڏينهن دوران لاڳاپيل احتساب عدالت ۾ پيش ٿي عبوري ضمانت ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته اينٽي ڪرپشن پوليس نوشهروفيروز 5 ڊسمبر 2022ع تي منصوبي ۾ 3 ارب 61 ڪروڙ 89 لک 49 هزار 375 رپين جي ڪرپشن جو ڪيس 11 ڄڻن خلاف داخل ڪيو هو. ڪيس داخل ٿيڻ بعد 6 جوابدار گرفتار ٿيا هئا ۽ معطل ڊي سي تاشفين عالم ۽ ڀريا تعلقي جو مختيارڪار نياز علي اڄڻ سميت 5 ڄڻا روپوش ٿي ويا هئا.