حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت مٽياري ۽ نوشهروفيروز موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ 2 جوابدارن پاران داخل ضمانتن واري درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته عدالت جاچ آفيسر کي کاتيدارن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ڪئمپون قائم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. اينٽي ڪرپشن نوشهروفيروز پوليس پاران داخل ڪيس ۾ نامزد سوشل ويلفيئر آفيسر سجاد ميمڻ، ڀريا تعلقي جي مختيارڪار نياز اڄڻ، هالاڻي جي تپيدار غلام حقاني ۽ ٻين وڪيلن معرفت ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪرايون هيون. درخواستن تي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محبوب علي دايو ڪئي. نيب جو جاچ آفيسر ۽ جوابدارن جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيل محمد هاشم لغاري ٻڌايو ته عدالت دليل ٻڌڻ بعد سوشل ويلفيئر آفيسر سجاد ميمڻ ۽ تپيدار غلام حقاني جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڀريا تعلقي جي مختيارڪار ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت تي وڪيلن کي 21 نومبر تي دليل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. وڪيلن جو چوڻ آهي ته جاچ آفيسر کان عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان کاتيدارن کان اڃا ڇو بيان ناهن ورتا جنهن تي جاچ آفيسر آگاهي ڏني ته کاتيدار ڪراچي ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪم ڪار سانگي ويل هئا ان لاءِ کين مهلت ڏني وڃي ته جيئن ڳولي بيان وٺي سگهون. عدالت دليل ٻڌڻ بعد نيب کي حڪم ڏنو ته کاتيدارن کان بيان وٺڻ لاءِ لاڳاپيل ضلعن ۾ ڪئمپون قائم ڪيون وڃن.