لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز جي اداڪاره حريم فاروق جو چوڻ آهي ته کيس سندس ڊرامي بسمل ۾ وزن سبب سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، حريم فاروق اڄ ڪلهه پنهنجي نئين ڊرامي “بسمل” ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر آئي، ان ڊرامي کي ناظرين طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته مرڪزي اداڪاره ماڻهن جي رويي کان ناخوش آهي، تازو ئي هڪ نجي نشرياتي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ حريم فاروق ٻڌايو ته هن هڪ ڊگهي عرصي بعد ڪو ڊرامو سائن ڪيو هيو ۽ ان ڊرامي جي شوٽنگ دوران سندس وزن پهرين کان وڌيڪ هيو، اداڪاره ٻڌايو ته وڌيل وزن سبب کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن تي کيس حيرت ٿي، حريم فاروق ڊرامي دوران پنهنجي وزن ۾ اضافي تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏنو، هن چيو ته اها ڄاڻي ٿي ته اها ذاتي زندگي ۾ ڪجهه ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن سبب سندس وزن وڌيو، اها ٻن مهينن ۾ وزن گهٽ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، پر پوءِ هن اهو فيصلو ڪيو ته اها هڪ عام جسماني ساخت رکي ٿي، جيڪا اڪثر پاڪستاني عورتن جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ انهيءَ حالت ۾ ڊرامي جي شوٽنگ مڪمل ڪئي.