مويا ۾ پنڌ مارچ: ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال خاتمي تائين ڌرڻا ختم نه ڪرڻ گھرجن:اياز لطيف

0
20
مويا ۾ پنڌ مارچ: ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال خاتمي تائين ڌرڻا ختم نه ڪرڻ گھرجن:اياز لطيف
مويا ۾ پنڌ مارچ: ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال خاتمي تائين ڌرڻا ختم نه ڪرڻ گھرجن:اياز لطيف

ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوٽريٽ فارمنگ خلاف ٽنڊو محمد خان جي شهر مويا ۾ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ پنڌ مارچ ڪري مين اسٽاپ وٽ جلسو ڪيو ويو، مارچ ۾ سوين عورتن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، اياز لطيف پليجو جو واپارين، شھرين، آبادگارن گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو، اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته ڳالھين ۽ ڪاميٽين جي ضرورت ناھي. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن جي خاتمي تائين احتجاج، ريليون ۽ ڌرڻا ھرگز ختم نه ڪرڻ گھرجن احتجاج تيستائين ختم ناهي ڪرڻو جيستائين زمينن جي والار ۽ ڪئنالن جو لکت ۾ واپسي جو اعلان نه ٿي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪارپورٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن جي خاتمي جو به رڳو اعلان نه کپي، وزير اعظم ۽ صدر جي صحيح سان نوٽيفڪيشن به کپي، وزيراعظم ميڊيا تي اچي ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌائي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ غيرقانوني عمل آهي سنڌ جو عوام مطالبو ٿو ڪري ڀارت سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمرانن سنڌ تي حملو ڪري ماڻهن کي ميڙي گڏ ڪري ڇڏيو آهي، هي ڊگهي جدوجهد آهي سنڌ جي چوري ڪيل ملڪيت واپس ڪرائينداسين درياھ تي ڌاڙو هڻڻ جي رٿابندي ڪندڙن جو مقابلو ڪنداسين، بلاول بابلا، ادا آصف زرداري رئيس وڏا، ڏاهو ٿي ڪئنالن جو فيصلو واپس ڪراءِ. اياز لطيف پليجي چيو ته ڇا جون ڳالهيون ڪئنال رٿا رد ڪيو جيتري دير اوترو ڀاڳين لاءِ خير، جيتري دير ڪندئو چور جهلجي پوندا، سنڌ جا ماڻهو ڄٽ نه آهن، سڀ سمجهن ٿا، ٻين صوبن کان وڌيڪ پڙهيل لکيل آهيون. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياھ ريگستان بنجي ويو آھي، سڪل درياءَ ۾ واري پئي اڏامي. انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي. 1991ع ٺاھه تي عمل نٿو ڪيو وڃي. سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء تعصب سان ڀريل ادارا ثابت ٿيا آھن. وفاقي ۽ صوبائي حڪمران سنڌ جي عوام. جو استحصال بند ڪن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جو عوام ھر قيمت تي پاڻي ۽ وسيلن جو دفاع ڪندو. بندرگاھه، گيس ۽ پيٽرول ڏيندڙ سنڌ کان پاڻي نه کسيو وڃي. سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياھ تي نون ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪريون ٿا. حڪمران ذاتي مفادن جي لاءِ پاڪستان جي وفاق ۽ مستقبل سان کيڏي رھيا آھن.آصف زرداري ٻڌائي ته توکي ڪيترا پئسا گھرجن ته جيئن سڄي سنڌ جا ماڻھو چندو ڪري پئسا ڏين. آصف زرداري بلاول کي وزيراعظم بنائڻ جي قيمت سنڌو درياھ، لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلن جي صورت ۾ ڏنا آھن. جيئن ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ نه ڏنو ائين چولستان سميت 6 ڪئنال ٺاھڻ نه ڏينداسين. شھباز شريف ۽ وفاقي حڪومت سنڌ کان لاتعلق آھن. عمران خان اقتدار ۾ ھو سنڌ کان لاتعلق ھو. پيپلز پارٽي کي اقتدار تي مسلط ڪندڙ طاقتون سنڌ سان گڏ پاڪستان کي به ديوار سان لڳائي رھيون آھن. گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي.