ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي تاريخي عمارت موهٽا پيليس ۾ ميڊيڪل ڪاليج ٺاهڻ واري فيصلي خلاف موهٽا گيلري ٽرسٽ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسان اڳ ۾ داخل درخواست ۾ ڌر ٿيڻ  چاهيون ٿا، سنگل رڪني بينچ اسان جي دخواست رد ڪئي هئي، اسان چاهيون ٿا ته موهٽا پيلس ٽرسٽ وٽ ئي رهڻ ڏنو وڃي، هن چيو ته سنڌ حڪومت 1991 ۾ موهٽا پيليس کي خريد ڪيو هو، سنڌ حڪومت وري ٽرسٽ ٺاهي ڪري موهٽا پيليس سندس حوالي ڪيو هو، ٽرسٽ پاران اتي ميوزيم ٺاهيو ويو آهي، عدالت درخواست جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي .