موهن جي دڙي ڀرسان سنڌو درياهه ۾ چاڙهه، ڪپر پائڻ لڳو، فصلن ۾ پاڻي اوور ٽاپ

0
84

موهن جي دڙي ڀرسان سنڌو درياهه ۾ چاڙهه، ڪپر پائڻ لڳو، فصلن ۾ پاڻي اوور ٽاپ

موهن جو دڙو(رپورٽ: معشوق ڏيرو) موهن جو دڙو ڀرسان سنڌو درياهه ۾ چاڙهه اچي ويو، درگاهه نور شاهه وٽان پاڻي ڪپرن کي پائڻ لڳو آهي. تِرن جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، جڏھن ته بچاءُ بندن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آھي

جڏھن ته سنڌو دياهه ۾ چاڙهه سبب ڪچي جا 10 کان وڌيڪ ڳوٺ به پاڻي هيٺ اچي ويا آھن، جڏھن ته پاڻي هيٺ آيل ڪچي جي ڳوٺن ۾ عثمان چنو، مولا بخش ممڻاڻي، گلاب ممڻاڻي، شاهن ممڻاڻي، امن ممڻاڻي مور ممڻاڻي، علي شير، آدم ڪلهوڙو ۽ ٻيا ڳوٺ شامل آھن، جڏھن ته ڪيترن ڳوٺن مان لڏپلاڻ  شروع ٿي وئي آھي

جڏھن ته سرڪاري سطح تي ڳوٺاڻن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ انتظاميه تحرڪ نه ورتو آھي.ڳوٺاڻن جو گهرن ۾ پيل سامان به پاڻي ۾ لُڙهي ويو

هوڏانهن ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته اسان جو لکين رپين جو تِرن جو فصل ۽ گهر جو قيمتي سامان پاڻي ۾ لُڙهي ويو آهي، جنهن ڪري اسان کي وڏو نقصان پهتو آهي. پر انتظاميه سندن ڪا به مدد نه ڪئي آهي. هوڏانهن آبپاشي عملدارن کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو