موهن جو دڙو(رپورٽ: معشوق ڏيرو) ڏوڪري باءِ پاس جي رهواسڻ قتل ٿيل 29 ورهين جي شادي شده عورت تهمينه سانگهرو جو وارثن مٿان مسلسل دٻاءِ کان پوءِ راڄوڻي فيصلو ڪيو ويو.جڏھن ته جوابدار ڌر پاران 7 لک خيرات جي ماني جا ڏنا ويا،جنهن کان پوءِ ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ٺھي ويون آھن جڏھن ته ڏوڪري جي عدالت ۾ قتل ٿيل عورت تهمينه سانگهرو جو راڄوڻي فيصلو ڪيو ويو آھي، جڏھن ته جوابدار ڌر خيرات جي ماني جا 7 لک قتل ٿيل عورت جي وارثن کي ڏئي خون معاف ڪرائي ويا. جڏھن ته قتل ٿيل عورت جي والد ڏانهن علائقي جا معزز ماڻھو اياز جتوئي رياض جتوئي شاهد جتوئي ايس ايچ او دلي جان مگسي گڏجي ميڙ ڪري پهتا،جنهن کان پوءِ وارثن خون معاف ڪري ڇڏيو.هوڏانهن قتل ٿيل عورت جي والد فقير محمد صالح سانگهرو ميڊيا کي ٻڌايو ته مان تمام انتهائي غريب مسڪين ماڻھو آھيان، مون کي جهيڙي جي ۽ ڪيس وڙھڻ جي طاقت موجود ناهي جنهن ڪري آيل ميڙ کي اسان مانَ ڏيندي مان پنهنجي ڌي جو خون جتوئي برادري کي معاف ڪري ڇڏيو آھي.هن چيو ته مون وٽ مسلسل خون معاف ڪرڻ لاءِ ميڙ منٿ ايندي هئي ۽ مون مٿان تمام گهڻو دٻاءُ به ھيو هن چيو ته گذريل رات مان وٽ علائقي جا معزز ماڻھو ۽ پوليس جا ماڻھو مون وٽ ميڙ ڪري منهنجي گهر پهتا،مان ڌي جو خون جتوئي برادري کي معاف ڪري ڇڏيو آھي.ھن چيو ته جوابدار ڌر ميڙ ۾ مونکي خيرات جي ماني جا پنجاه هزار بروقت ادا ڪيا آھن.باقي بقايا رقم ٻن مهينن اندر ادا ڪندي،جنهن کان پوء مان پنهنجي قتل ٿيل ڌي جو ڪيس لکي ڏيندس.هوڏانهن ڏوڪري پوليس جو چوڻ ھو ته ڌرين پاڻ ۾ ٺاھ ڪيو آھي.هڪ سال پهريان مقتول عورت پنهنجي مڙس اويس جتوئي کان ڏوڪري جي عدالت مان طلاق وٺڻ لاء عدالت پهتي هئي.جنهن کي مڙس جوابدار جيڪو رتوديرو ڀرسان ڳوٺ زنگيچو جو رهواسي آھي هن عدالت جي احاطي ۾ پنهنجي زال کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو،جنهن جو ڪيس 6 جوابدارن تي داخل ٿيل آھي.پوليس ٻڌايو ته مک جوابدار قتل ٿيل عورت جو مڙس اويس جتوئي سينٽر جيل حوالي ٿيل آھي.پوليس ٻڌايو ته فريادي ڌر ٿاڻي تي جڏھن ڪيس لکي ڏيندي جنهن کان پوء ڪيس خارج ڪيو ويندو.