موهن جو دڙو(رپورٽر) جپان کان 14 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي سياحن جي وفد جپاني گائيڊ فيصل شاهه جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي عظيم ماڳ موهن جو دڙو پهچي اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا، ايس ڊي ايريا. ميوزيم، ۽ ٻيا تهذيبي ۽ تاريخي آثار گهمي ڏٺا. پرڏيهين جي آمد وقت سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. جپان کان آيل وفد قديم تهذيب بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته موهن جو دڙو جي 5 هزار سال پراڻي تهذيب اوائلي دور جي شاهوڪار تهذيب هئي. هنن چيو ته قديم زماني ۾ موهن جي دڙي جي ماڻهن جنهن نموني سان شهر اڏيو ان مان سندن شاهڪار ڪاريگري جو انمول مثال ملي ٿو، جپاني سياحن سنڌ جي مهمان نوازي جي به واکاڻ ڪئي.