موهن جو دڙو ۾ ڪشان دور جي بادشاهه جي تصوير ظاهر

0
197

موهن جو دڙو مان هٿ آيل ٽامي جي سڪن تي صفائي دوران ڪشان دور جي بادشاهه جي تصوير ظاهر ٿي پئي

آرڪيالاجي ماهرن جو چوڻ آهي ته تصوير مان لڳي ٿو ته سڪا ڪشان دور جي ٻي صديءَ سان تعلق رکن ٿا، هٿ آيل سڪن جو وزن 5 ڪلو کان وڌيڪ آهي

آرڪيالاجي جي سينيئر انجنيئر علي حيدر گاڏهي، ڪوٽڏيجي ميوزم جي ڪيوريٽر روحل امين گهمرو ۽ اسسٽنٽ ڪيمسٽ آڳاٽن سڪن جو ويجهڙائي کان جائزو ورتو

ليبارٽري ۾ آڳاٽن جي صفائي وارو ڪم جاري آهي، آڳاٽي دور جا اهم تفصيل ملڻ جا امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي