موهن جو دڙو(ن پ ا) موهن جو دڙو ڀرسان چانڊيا ۽ مغيري ڌر جو نئين گُڏ ٻگهيا هائوس تي اڳوڻي ايم پي اي حزب الله ٻگهيو جي سر پئنچي ۾ مقتول نجم الدين چانڊيو جي خون جو ٿيل نبيري کانپوءِ مغيري ڌر پاران ڏنڊ جي پهرين قسط 15 لک مقتول جي ڀاءُ سعيد چانڊيو وٽ ڏوڪري ميڙ سان گڏ کڻي پهتا،مقتول جو ڀاءُ سعيد چانڊيو ميڙ کي مانَ ڏيندي ڏنڊ جي رهيل رقم مان 20 لک مغيري ڌُر کي معاف ڪري ڇڏيا. باقي مغيري ڌُر پاران رهيل ڏنڊ جي 45 لک رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي.ياد رهي ته اڍائي سال اڳ چانڊيا برادري جو قتل ٿي ويل ڏوڪري واسي نوجوان نجم الدين چانڊيو جي قتل جو فيصلو ڪيو ويو هو،مغيري ڌر مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 65 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو هو. جوابدارن تي مجموعي طور تي 95 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو هيو.