موهن جو دڙو(ن پ ا) موهن جو دڙو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ڳوٺن ۾ ڪڻڪ جو فصل پچي تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ويو پر هن وقت تائين سرڪاري خريداري مرڪز نه کلي سگهيا آهن،جڏھن ته ڳوٺ وڪڙو،بگي، مانڊيون، ڪاراڻي، ٻُٽڙا، وڏي وهڻي،سامٽيا، سيھڙ ۽ ٻين هنڌن تي ڪڻڪ جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي  ۽ وڏي پئماني تي لابارا به هلندڙ آهن،جڏھن ته آبادگار ۽ هارين ٿريشر هڻائڻ به شروع ڪري ڇڏيا آهن پر سرڪار پاران هن وقت تائين تعلقي ڏوڪري ۾ هڪ به خريداري مرڪز نه کوليو ويو آهي،آبادگار ۽ هاري واپاري دڪاندارن کي سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪري ڏيڻ  تي مجبور آهن.ڳوٺاڻن ڪڻڪ جو اگهه گهٽ ھجڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو،ان موقعي تي آبادگار ۽ ھارين فرمان ابڙو، سرفراز ابڙو ۽ ٻين  جو چوڻ هو ته ڪڻڪ جا خريداري مرڪز نه کلڻ سبب واپاري ۽ دڪاندارن کي سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويا آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته ڪڻڪ جو اگهه گهٽ ۾ گهٽ 4 هزار کان 45 سئو تائين مقرر ڪيو وڃي.