ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻگھيو) فوتي نينگر جي پيءُ نواب ابڙو وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته پٽ بيمار هو، جنهن کي لاڙڪاڻي  اسپتال جي ڊاڪٽرن مختلف بيمارين ۽ جنائت جي اثر جو چئي پٽ کي موٽائي ڇڏيو. نينگر جي پيءُ وڊيو بيان ۾ چيو ته لاڙڪاڻو اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران جواب ملڻ بعد پٽ کي گمبٽ اسپتال نيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو. پيرسن وڌيڪ چيو ته ايئرپورٽ پوليس منهنجي پٽ تي تشدد نه ڪيو هو، هو بيماري سبب فوت ٿي ويو آهي، هن چيو ته فوتي پٽ جو بيگناھ ڪنهن جي مٿان ڪوڙو الزام نه هڻندس، ھوڏانھن فوتي نينگر جي ڀاءُ راحب ابڙو “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته ايئرپورٽ ٿاڻي جو ايس ايچ او لياقت علي کجڙ ميڙ وٺي آيو هو، جنهن سبب پوليس کي معاف ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايچ او لياقت علي کجڙ “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته اسان ڪنهن ڏي به ميڙ ناهيون وٺي ويا، هن وڌيڪ چيو ته فوتي نينگر جي وارثن چوري جي ڪيس کان بچڻ لاءِ ڊرامو ڪيو هو، جيڪي هاڻي پاڻ ئي چئي رهيا آهن ته نينگر تي پوليس تشدد ناهي ڪيو، بيماري سبب فوت ٿيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان پھريان ئي ٻڌائي چڪا آهيون ته اسان ڪنهن به نينگر کي گرفتار ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن تي تشدد ڪيو آهي، هن چيو ته هي واضع ٿي ويو آهي ته هي من گھڙت ۽ ڪوڙو الزام هو.