موهن جو دڙو (ن پ ا) موھن جي دڙي جي اسٽوپا وٽان ڳجي گهٽي جي هڪ ڳريل ڀت جي مرمتي ڪم دوران هٿ آيل ڪشان دور جي سڪن کي ڊائريڪٽر ڪنزرويشن موهن جو دڙو سيد شاڪر شاهه جي نگراني ۾ ٽيڪنيڪل ٽيم آرڪيالاجيڪيل ڪنزرويٽر غلام شبير جويو، شيخ جاويد سنڌي،  امتياز ڊومڪي، رستم علي ڀٽو، گائيڊ فروا چانڊيو، جاويد سولنگي، مظهر سولنگي ۽ ٻين سان گڏجي سڪن کي ظاهر ڪيو، سڪا 21 صدي تائين ڀت اندر مٽي ۾ هجڻ سبب هڪ ٻئي سان چنبڙي ڳوڙهو بڻجي ويا هئا، ٺڪر جي خُمري ۾ پيل سڪا ظاهر ٿيڻ بعد ڊائريڪٽر ماڳ تي موجود پاڻي ۽ مٽي جي چڪاس ڪندڙ لئبارٽري ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا، ان ڏس ۾  ليبارٽري اسسٽنٽ رستم علي ڀٽو ميڊيا کي ٻڌايو ته قديم زماني جي ڳوڙهو بڻيل سڪن کي ليبارٽري ۾ صاف ڪري الڳ ڪيو ويندو، جئين ان تي موجود تصويرون ۽ اکر ظاهر ٿي سگهن، هن چيو ته ان ڪم ۾ هڪ مهينو لڳي سگهي ٿو، ان موقعي تي ڊائريڪٽر سيد شاڪر علي شاهه ميڊيا کي ٻڌايو ته هٿ ڪيل سڪا 2 صدي جي ڪُشان وقت جا آهن، هن چيو ته ليبارٽري ۾ صفائي بعد انهن سڪن تي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ويندو، جئين معلوم ٿي سگهي ته 21 صديون اڳ اهي سڪا ڪهڙن بادشاهن جا هئا، اهڙي تحقيق کان پوءِ انهن سڪن کي عام سياحن لاءِ ميوزيم ۾ نمائش طور رکيو ويندو.