موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي ۾ سگھڙن جي سرتاج ۽ لوڪ ادب جي حافظ استاد محمد ملوڪ عباسي جي 25 ھين ورسي اڄ 20 نومبر تي سندس مزار تي ملھائي ويندي، ورسي تقريب ۾ سنڌ جا نامور سگھڙ، شاعر، لوڪ فنڪار سياسي سماجي ادبي توڙي صحافي شرڪت ڪندا، جڏھن ته پروگرام جي پھرين نشست جي صدارت ناليوارو شاعر صوبائي سيڪريٽري ماحوليات احمد سلطان کوسو ڪندو، خاص مھمان عشر زڪوات جو صوبائي سيڪريٽري ڊائريڪٽر جنرل ثقافت منورعلي مھيسر ھوندو، ڪانفرنس جي ٻي نشست جي صدارت اڳوڻو سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ خاص مھمان اڳوڻو ايم پي اي معظم عباسي ھوندو، ورسي تقريب ۾ سگھڙن ۾ ڏور، ڳجھارت، ڏٺ، پرولي، ڏھس ۽ سينگار جي بيتن جا مقابلا ٿيندا، جڏھن ته صوفياڻي راڳ جي محفل پڻ ٿيندي ۽ آخر ۾ استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 2023 ڏنا ويندا.