باڊھ (انٽرويو: وحيد ڳاهو) باڊھ واسي نوجوان موهن جي دڙي جي لکت پڙهڻ  ۽ ان مان مڪمل الف ب قائم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته هن شهر جو نالو  ماهيش متي هو، موهن جي دڙي جي لکت سنڌو پراڪرت آهي باڊھ  لڳ ڳوٺ گابر مسڻ واسي مهاوير ايچ محمد ابڙو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته موهن جي دڙي جي ٻولي جي ڀاڃ ڪندي مون 400 نشانين جي تصديق ڪئي آھي ۽ سڀني نشانين جا ملهه مقرر ڪيا آھن، موهن جي دڙي جي الفابيٽ موجوده سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ سان بلڪل هڪجهڙائي رکندڙ آھي، جيڪڏهن سنسڪرت جي الفابيٽ ۾ سنڌي ٻولي جا نج اکر ٻ-ڏ-ڳ-ڱ شامل ڪريون ته اهو موهن جي دڙي جو  مڪمل اسڪرپٽ ٿي ويندو.  هن چيو ته  جيڪي به قديمي الفابيٽ آھن انهن سڀني ۾ هڪجهڙيون نشانيون آھن، مون انهن کي هڪ ئي ويليو ڏنو آھي، جيئن انهن ۾ ڪو به تفاوت نه اچي. جن ساڳين نشانين جو مون استعمال ڪيو آھي انهن ۾ مونکي وسرڳ ۽ حرف علت ڌار ڪرڻ ۾ آساني ٿي ۽ انهن نشانين ۾ جيڪي ٻٽا آواز آھن انهن کي پڻ آساني سان ڌار ڪري سگهيس، باقي جيڪي وينجن يا ڪانسوننٽس آھن انهن کي ملهه ڏيڻ ۾ ڏکيائي ٿي. ڏکين نشانين لاءِ طريقو اختيار ڪيو ته دنيا جي ساڳين اسڪرپٽ ۾ ملندڙ اکرن کان مدد ورتي، جيڪڏهن ڪنهن ٺپي ۾ 3 اکر ملن پيا ته چوٿين جو قدر قديمي سنسڪرت کي شامل ڪري نئون ملهه ڏنو. هن دعويٰ ڪئي ته منهنجي جوڙيل الفابيٽ ڌُڪو نه آھي، منهنجي الفابيٽ سان نه رڳو هر اسڪالر پر عام ماڻهو به موهن جي دڙي جي ٻولي ائين پڙهي سگهي ٿو جيئن اڄ اسان جديد اسڪرپٽ پڙهي سگهون ٿا. هن چيو ته موهن جي دڙي جي پنج هزار سال پراڻي ٻولي کي سمجهڻ لاءِ مون پهرين ترجيح مذهبي ٻولين کي ڏني ڇاڪاڻ ته ست هزار سالن کان جيڪي مقدس ٻوليون منترن ۽ عبادتن ۾ استعمال ٿينديون پئي آيون آھن، انهن ۾ گهٽ فرق آهي. مون مهاديو شيو سان لاڳاپيل مهرن جي ترجيحي بنيادن تي درجا بندي ڪئي آھي ۽ رگ ويد جا 200 ڪردار واضح ڪيا آهن. هن چيو ته سنڌو تهذيب جي نشانين جي انگ تي به اختلاف رهيا آهن مهاديون 417 نشانيون ٻڌايون، ڊاڪٽر آسڪوپرپولا 400، بائيرن ويلسن 700 ۽ ٻين 400 کان مٿي ٻڌايو آھي. پر مون نشانين جو جائزو ورتو ۽ گڏيل ۽ جدا نشانين کي ڌار ڌار ڪيو ته اڪيلين نشانين جو تعداد 65 جي لڳ ڀڳ بيٺو، جيڪي الفابيٽ لاءِ ڪافي آھن. هڪ کان وڌيڪ نشانين سان لاڳاپيل نشانين کي جڏهن ڌار ۽ قديم اسڪرپٽن سان ڀيٽائڻ کانپوءِ انهن نشانين جو انگ40 وڃي بيٺو. هن چيو ته اسان جي موجوده سنڌي الف ب ۾ وڏي ۾ وڏي خامي آھي ته اسان جا بنيادي صوتيا ختم ٿي ويا آهن مثال طور اسان ” پٽ “ لکون ٿا پر اصل ۾ اهو ”پٽ + ر“ آھي، الميو اهو آھي ته اسان جي جديد ٻولي ۾ “ر” جو هڪ قسم آھي پر  قديم اسڪرپٽ ۾ 3 قسم آھن، قديم اسڪرپٽ اسان جي ٻولي لاءِ مڪمل آھي پر ان جو استعمال نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته وسرڳ جي قديم ٻولي ۾ نشاني آھي ”ابتي وي“ وانگر آھي، جڏهن ته هاڻ اکرن سان “هه” ملايو ويندو آهي. گڏيل نشانين کي جڏهن الڳ ڪيو ته بنيادي نشانيون 40 بچيون جن کي الفابيٽ قرار ڏيان ٿو. ڪوبه ”پليٽو گراف يا سولو گراف“ الفابيٽ جو قسم نه آھي. جيئن جديد الفابيٽ ٿيندي آھي اها ئي موهن جي دڙي جي الفابيٽ آھي. مهاديو ايچ محمد چيو ته منهنجي خيال مطابق مهرڳڙهه کان سنڌو سولائيزيشن جو جڏهن سفر شروع ٿئي ٿو. پهريان ” هنٽرس گيدرس“لڏپلاڻ ڪري آيا انهن آبادي جي جتي شروعات ڪئي اها منڇر ڍنڍ ۽ کيٿر ويلي هئي، قديم ادب ۾ جيڪو مانسرو ڍنڍ جو ذڪر ملي ٿو ان ڍنڍ جي ڀرسان هڪ قديم شھر جو نالو ملي ٿو ” شو واهڻ“ يا ” شو ستان“ آهي. انهن لوڪن ڇڙ وڇڙ آبادين مان مليل نشانين کي ميڙي 2600 ق.م ۾ هڪ مڪمل الفابيٽ استعمال ڪئي ٿي، جنهن جي نشاندهي ڊاڪٽر هنٽر  ۽ ٻين آرڪيالاجسٽ ڪئي آھي ته 25 ٽامي ۽ ٺڪرن تي نشانيون ملن ٿيون، جن جو واسطو سڌو سئنون موهن جي دڙي سان آھي. اهي نشانيون ٻئي ڪنهن به شھر ۾ نٿيون ملن. هن چيو ته انهن نشانين منجهان ٻن نشانين جي منهنجي پڙهڻي” حيا“ بيهي ٿي جيڪا قديم سنسڪرت ادب مطابق ” حيا بادشاهي“ جي نشاندهي ڪري ٿي، ان حساب سان موهن جي دڙي جو قديم نالو ” ماهيش متي “ بيهندو. ماهيش متي گادي جو هنڌ هو، ائين سمجهو ته اها بادشاهي سموري دنيا تي حڪومت ڪندي هئي. هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي هن ڀاڃ کي تسليم ڪيو ٿو وڃي ته دنيا جي تاريخ جو اينٿروپولاجي۽ آرڪيالاجي جو رخ ئي بدلجي ويندو.