موهن جو دڙو(ن پ ا) جرمني جو مشھور فوٽو گرافر 193 ملڪن جي دورو ڪرڻ کان پوءِ مائيڪل رنڪل پنهنجي اسٽاف سان گڏجي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي پهچي ويو، جرمن فوٽو گرافر مائيڪل رنڪل اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا ۾ تهذيبي ۽ تاريخي آثارن جو جائزو ورتو ۽ ميوزيم به گهمي ڏٺو.ان موقعي تي جرمني جي ڦوٽو گرافر مائيڪل رنڪل جو چوڻ هو ته دنيا جي 193 ملڪن جو سفر ڪيو آھي، 900 سئو کان مٿي ورلڊ ھيريٽيج يونيسڪو جون سائيڊيون ڏٺيون آھن پر موهن جو دڙو دنيا ۾ وڏو ماڳ آھي، اهڙو ماڳ ۽ سائيڊ دنيا ۾ ڪٿي به ناهي. هن چيو ته  هتي اچي کين اهو محسوس ٿيو ته هتان جي قديم ماڻهن بهترين اسٽڪچر ٺاهيا ۽ شهر جو ڊرينيج نظام جوڙيو جيڪو سڌريل ملڪن کان 5 هزار سال پهريون تعمير ٿيو هو.جنهن تي اڄ دنيا فخر ڪري ٿي. وفد کي موهن جو دڙو تي مقرر گائيڊ جاويد شيخ بريفنگ ڏني.