موهن جو دڙو (ن پ ا) سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي تي سنڌ جي مختلف ضلعن لاڙڪاڻو، ڪشمور، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي، خيرپور، حيدرآباد، ڪراچي، دادو، نوابشاهه، نوشھرفيروز، قمبر توڙي ڀرپاسي جي علائقن مان ماڻھو پنهنجن فيملن ۽ ٻارڙن سان گڏجي سال 2024 جي پڄاڻي تي سج کي الوداع ڪرڻ لاءِ تاريخي ماڳ موهن جي دڙي تي پهتا،جڏھن ته سال جي پڄاڻي دوران پرڏيهي سياح ،ليکڪن شاعرن اديبن ۽ اسڪولي شاگردن به قديم ماڳ موهن جي دڙي تي پهچي ڪري سال 2024 جي سج کي الوداع ڪيو. جڏهن ته 2025 نئون سال اچڻ جون پڻ دعائون گهريون ويون، موهن جي دڙي تي آيل سياحن جو چوڻ ھو ته 2024 سال ۾ مهانگائي بيروزگاري تمام گهڻي هئي، جڏھن ته اسڪولي شاگردن چيو ته سنڌ ۾ اغوا ۽ لڄالٽ جا به واقعا تمام گهڻا ٿيا هئا، هنن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي رب پاڪ کان دعا ٿا گهرون ته 2025 نئون سال خوشيون کڻي ايندو.