موهن جو دڙو تي دنيا کي فخر ڪرڻ گهرجي: پرڏيهي سياح

0
25
موهن جو دڙو تي دنيا کي فخر ڪرڻ گهرجي: پرڏيهي سياح
موهن جو دڙو تي دنيا کي فخر ڪرڻ گهرجي: پرڏيهي سياح

موهن جو دڙو(رپورٽر)آمريڪا ۽ آسٽريليا کان پرڏيهي سياحن جو وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي پهتو، جڏھن ته پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا جا تهذيبي آثار ۽ ميوزيم گهمي ڏٺا، ان موقعي تي آمريڪا وفد جي اڳواڻي ڪندڙ وائيٽ تانيال ۽ آسٽريليا وفد جي اڳواڻي ڪندڙ ايڊمز ڊيوڊ ٻڌايو ته موهن جو دڙو جي تهذيب دنيا جي وڏي تهذيب آهي، هنن چيو ته قديم زماني جا ماڻهو وڏا ذهين ۽ ڪاريگر هيا، جن انساني تهذيب جو بنياد رکيو، جنهن تي دنيا کي فخر ڪرڻ گهرجي. ٻي طرف جپان کان 12 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي سياحن جي وفد به موهن جو دڙو جو دورو ڪيو.