موهن جو دڙو(ن پ ا) بيلجيم ۽ هالينڊ مان پرڏيهي سياحن جو 14 ڄڻن تي مشتمل وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي پهچي ويو، پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا جا تهذيبي آثار ۽ ميوزيم گهمي ڏٺا، بيلجيم ۽ ھالينڊ جي پرڏيهي وفد جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو جي تهذيب دنيا جي وڏي تهذيب آهي، قديم زماني جا ماڻهو وڏا ذهين ۽ ڪاريگر هيا جن انساني تهذيب جو بنياد رکيو، جنهن تي دنيا کي فخر ڪرڻ گهرجي.