موهن جو دڙو(ن پ ا) اٽلي جو 12 ڄڻن تي پرڏيهي وفد مسٽر ارمان جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو، پرڏيهي وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي،جڏھن ته اٽلي جي پرڏيهي وفد ڊي ڪي ايريا،ايچ آر،اسٽوپا گريٽ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا. ھوڏانهن اٽلي جي وفد جو چوڻ ھو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن ان جو اندازو هي شاندار تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجي ٿو.